1 Corinthians 2:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي هوندي بہ جيڪي ڪامل آهن، تن کي اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ٻُڌايون. پر نہ هن دنيا جي ڏاهپ، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي ڏاهپ، جي نيست ٿي ويندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن ھوندي بہ ڪامل ايمان وارن ماڻھن منجھہ اسين ڏاھپ جون ڳالھيون ٿا ڪريون، پر نہ ھن زماني جي ڏاھپ جون ۽ نڪي ھن زماني جي حاڪمن جي ڏاھپ جون، جيڪي ناس ٿي رھيا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ پختي ايمان وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن دنيا جي آهي، نڪي هن دنيا جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.