1 Corinthians 2:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر اسين هڪ راز يعني خدا جي اُها دانائي جا پوشيدہ هئي، ۽ جنهن کي خدا جهان جي شروعات کان اڳيئي اسان جي جلال لاءِ مقرر ڪيو هو، تنهن جو بيان ٿا ڪريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
بلڪ، اسين خدا جي ڳجھي ڏاھپ بيان ڪري رھيا آھيون، جيڪا دنيا کان لڪل آھي ۽ جا خدا ھن زماني جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين تہ ايشور جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا ايشور سنسار جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.