1 Corinthians 2:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيئن لکيل آھي تہ ”جيڪا شيءِ ڪنھن بہ اک نہ ڏٺي آھي، ڪنھن بہ ڪن نہ ٻڌي آھي ۽ ڪنھن بہ دماغ نہ سوچي آھي، سا خدا پنھنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪئي آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو ايشور پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اهو ائين ئي ٿيو جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو ڪجھہ نہ ڪنهن اک ڏٺو آهي، نہ ڪنهن ڪن ٻڌو آهي ۽ نہ وري ڪنهن دماغ سوچيو آهي، سو خدا پنهنجي پيار ڪندڙن لاءِ تيار ڪيو آهي.“