1 Corinthians 3:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اي ڀائرو، آئون اوهان سان اهڙيءَ طرح ڳالهائي نہ سگهيس جهڙيءَ طرح اُنهن سان ڳالهائبو آهي جي روحاني آهن، پر اهڙيءَ طرح جيئن جسماني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، يعني انهن سان جي مسيح ۾ ٻارڙا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان سان روحاني ماڻھن وانگر نہ ڳالھائي سگھيس پر دنياوي ماڻھن وانگر، يعني مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي ننڍڙن ٻارن وانگر ڳالھائي سگھيس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن آتمڪ ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن سنساري ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي ڀائرو ۽ ڀينرون! مون اوهان سان ائين نہ ڳالهايو هو جيئن روحاني ماڻهن سان ڳالهائبو آهي، پر ائين ڳالهايو هئم جيئن دنياوي ماڻهن سان ڳالهائبو آهي. هائو، جيئن تہ اوهين مسيح ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر آهيو