1 Corinthians 3:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو خدا جو فضل مون کي عطا ٿيو هو، تنهن موجب مون هڪڙي اُستاد رازي وانگر بنياد وڌو، ۽ ٻيو انهي تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هرهڪ ماڻهوءَ کي خبردار رهڻ کپي تہ اهو مٿس ڪيئن ٿو اڏاوت ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
خدا جو فضل جيڪو ھن مون کي عطا ڪيو، تنھن موجب مون ھڪڙي ماھر رازي وانگر بنياد وڌو ۽ ٻيو انھيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر ھر ھڪ کي خبردار رھڻ گھرجي تہ ھو انھيءَ تي ڪھڙي اڏاوت ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو ايشور جي ڪرپا جيڪا هن مون کي بخشي آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خدا جو فضل جيڪو هن مون کي بخشيو آهي، تنهن موجب مون هڪڙي ماهر رازي وانگر انهيءَ عمارت جو بنياد وڌو ۽ ٻيو انهيءَ تي اڏاوت ٿو ڪري. پر هر هڪ کي خبردار رهڻ گھرجي تہ هو انهيءَ تي ڪهڙي اڏاوت ٿو ڪري.