1 Corinthians 3:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان منجهان ڀانئين تہ هن جهان ۾ ڏاهو ليکجان تہ بيوَقوف ٿئي، تان تہ هو ڏاهو ٿي پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪوبہ ماڻھو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏھن اوھان منجھان ڪو ماڻھو ڀانئين تہ ھن زماني جي لحاظ کان ڏاھو ليکجان، تہ پوءِ کيس بيوقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن ھو ڏاھو ٿي پوي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو سنسار جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس مورک بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بيوقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.