1 Corinthians 4:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو ڪير آھي؟ ڇا تو وٽ اھڙي ڪا شيءِ آھي جيڪا تو کي انھيءَ کان نہ ملي ھجي؟ جيڪڏھن تو کي واقعي ملي آھي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ تو کي ملي ئي ڪانھي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي ايشور کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي ايشور کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي خدا کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي خدا کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟