1 Corinthians 4:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين اڳيئي ڍاول آهيو! اوهين اڳيئي دولتمند ٿيا آهيو! اوهان اسان کانسواءِ بادشاهي ڪئي آهي! هائو، شل اوهين بادشاهي ڪريو، تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون!
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھا اوھين تہ پھريون ئي آسودا ھئا. اوھين تہ اڳي ئي دولتمند ھئا ۽ اوھان اسان کان سواءِ بادشاھي ڪئي. ڪاش! اوھين سچ⁠پچ بادشاھي ڪريو ھا تہ من اسين بہ اوھان سان گڏ بادشاھي ڪريون ھا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي راڄ ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ راڄ ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ راڄ ڪريون ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
واہ! سائين، واہ! اوهين تہ پهريائين ئي آسودا ٿي ويا آهيو. اوهين تہ اڳي ئي دولتمند ٿي ويا آهيو ۽ اوهين تہ اسان کان سواءِ ئي بادشاهي ڪريو ٿا. ڪاش! اوهين سچ پچ بادشاهي ڪريو ها تہ من اسين بہ اوهان سان گڏ بادشاهي ڪريون ها.