1 Corinthians 5:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ائين نہ آهي تہ هن جهان جي زناڪارن سان يا لالچين ۽ ظالمن سان، يا بت پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهان کي ضرور جهان مان نڪري وڃڻو پوندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
منھنجو مطلب اھو نہ آھي تہ اوھين ھن جھان جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت⁠پرستن سان لاڳاپا ئي لاھي ڇڏيو، ڇالاءِ⁠جو ائين ڪرڻ سان اوھان کي ضرور ھن جھان مان نڪري وڃڻو پوندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن سنسار جي زناڪارن، لوڀين، دغابازن ۽ بتن جي پوجارين سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن سنسار مان نڪري وڃڻو پوندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن دنيا جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت‌پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن دنيا مان نڪري وڃڻو پوندو.