1 Corinthians 5:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر هاڻي آئون اوهان کي لکان ٿو تہ جيڪي ڀائر ٿا سڏائين، تن مان جيڪڏهن ڪو زناڪار، يا لالچي، يا بت پرست، يا گلاخور، يا شرابي، يا ظالم هجي تہ انهي سان صحبت نہ رکو، ۽ اهڙي ماڻهوءَ سان گڏ کائو بہ نہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
دراصل مون اوھان ڏانھن اھو لکيو ھو تہ جيڪڏھن ڪو ايمان آڻيندڙ سڏائي پر ھجي زناڪار، يا لالچي يا بتپرست يا گاريل، يا شرابي يا دغاباز، تہ انھيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اھڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي وشواسي چوي پر هجي زناڪار يا لوڀي يا بتن جو پوجاري يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان سنگت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بتپرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.