1 Corinthians 5:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين انهي تي افسوس تہ ڪونہ ٿا ڪريو، تہ جنهن اهڙو ڪم ڪيو آهي تنهن کي پنهنجي وچان ڪڍي ڇڏڻ بدران پاڻ ٻٽاڪون پيا هڻو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جنھن اھڙو ڪم ڪيو آھي تنھن کي پنھنجي ٽولي مان اوھان کي ڪڍي ڇڏڻ گھربو ھو. پر اوھين تہ انھيءَ تي افسوس ڪرڻ بدران اٽلندو ٻٽاڪون ٿا ھڻو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي منڊليءَ مان ڪڍي ڇڏيو ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏيو ها.