1 Corinthians 5:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو آئون جو جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، پر روح جي ڪري حاضر آهيان، سو انهي ڪم ڪرڻ واري تي اڳيئي خداوند يسوع جي نالي اهڙي طرح فتويٰ ڏيئي چڪو آهيان ڄڻ تہ آئون هڪيو حاضر هوس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ منھنجو جسم اوھان وٽ حاضر نہ آھي پر منھنجو روح حاضر آھي. سو مون ڄڻ تہ پنھنجي موجودگيءَ ۾ اڳ ئي اھڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ فتويٰ ڏئي ڇڏي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ آءٌ شرير جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ آتما جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ پاپي هئڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ آءٌ جسم جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ روح جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي.