1 Corinthians 5:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پراڻو خميرو ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوھين نج اٽو بڻجي پئو. سچ⁠پچ تہ اوھين بي⁠خميرا آھيو، ڇالاءِ⁠جو اسان جي عيد فصح جو گھيٽو يعني مسيح قربان ٿي ويو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پوِتر بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو فصح جي تهوار وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ ٻليدان ٿي ويو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پنهنجي پاڻ مان خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي.