1 Corinthians 6:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اوهان مان ڪي اهڙا ئي هئا، پر اوهين خداوند يسوع مسيح جي نالي سان ۽ اسان جي خدا جي روح سان ڌوپي ويا، ۽ پاڪ ٿي ويا، ۽ راستباز ٺهرايا ويا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان مان ڪي اھڙا ئي ھئا. پر اوھين گناھن کان ڌوپجي ويا. اوھين پاڪ ڪيا ويا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻايا ويا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي ۽ اسان جي خدا جي پاڪ روح جي وسيلي گناهن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ خدا ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.