1 Corinthians 6:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪو ٻيو چوي تہ ”کاڌو پيٽ لاءِ آھي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ.“ سو بہ ٺيڪ آھي، پر خدا ٻنھي کي ناس ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ لاءِ نہ آھي، بلڪ خداوند جي خدمت لاءِ آھي ۽ خداوند پاڻ ئي بدن جي حفاظت ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ ايشور ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ شرير زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ پرڀو يسوع جي سيوا لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بيشڪ، ”کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ ۽ خدا ٻنهي کي ختم ڪري ڇڏيندو.“ پر انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ بدن زناڪاريءَ لاءِ آهي. اهو تہ خداوند عيسيٰ جي خدمت لاءِ آهي ۽ هو ئي انهيءَ جو مالڪ آهي.