1 Corinthians 7:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
(پر جي کڻي ڌار ٿئي تہ وري نہ پرڻجي، يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي؛) ۽ مڙس پنهنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن ھوءَ کڻي جدا ٿئي ٿي تہ وري ٻي شادي نہ ڪري، بلڪ پنھنجي مڙس سان پرچي وڃي ۽ مڙس بہ پنھنجي زال کي طلاق نہ ڏئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ پتي بہ پنهنجي پتنيءَ کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن پتني کڻي پنهنجي پتيءَ کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي پتيءَ سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ مڙس بہ پنهنجيءَ زال کي ڇڏي نہ ڏئي. پر جيڪڏهن زال کڻي پنهنجي مڙس کان جدا ٿئي ٿي تہ پوءِ يا تہ هوءَ اڪيلي رهي يا وري پنهنجي مڙس سان پرچي وڃي، پر ٻي شادي نہ ڪري.