1 Corinthians 7:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
باقي ٻين کي منهنجو چوڻ آهي، نہ خداوند جو، تہ جيڪڏهن ڪنهن ڀاءُ جي زال ٻئي دين جي هجي، ۽ اُها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي، تہ هو اُنهي کي ڇڏي نہ ڏئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
باقي ھنن لاءِ خداوند جو نہ، بلڪ منھنجو چوڻ آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن ڀاءُ جي زال ايمان نہ آڻيندڙ ھجي ۽ اھا ساڻس گڏ رھڻ ۾ راضي ھجي تہ ھن کي اھا ڇڏڻ نہ گھرجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
باقي هِنن لاءِ پرڀو يسوع جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ڪنهن وشواسي ڀاءُ جي پتني غير وشواسي هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
باقي هِنن لاءِ خداوند عيسيٰ جو نہ، بلڪ منهنجو چوڻ آهي تہ جيڪڏهن ايمان واري ڪنهن ڀاءُ جي زال غير ايمان واري هجي ۽ اها ساڻس گڏ رهڻ ۾ راضي هجي تہ هن کي اها ڇڏڻ نہ گھرجي.