1 Corinthians 7:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ جيڪو مڙس ٻئي مذهب جو آهي سو زال جي ڪري پاڪ ٿو ٿئي، ۽ جيڪا زال ٻئي مذهب جي آهي سا مسيحي مڙس جي ڪري پاڪ ٿي ٿئي. نہ تہ جيڪر اوهان جا ٻار ناپاڪ ٿي پون، پر هاڻ اُهي پاڪ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو ديندار زال جي ڪري بيدين مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ديندار مڙس جي ڪري بيدين زال پاڪ ٿئي ٿي، نہتہ جيڪر اوھان جا ٻار پليت ھجن ھا، پر ھاڻي اھي پاڪ آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ وشواسي پتنيءَ جي ڪري غير وشواسي پتي پوِتر ٿئي ٿو ۽ وشواسي پتيءَ جي ڪري غير وشواسي پتني پوِتر ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار اپوِتر هجن ها، پر هاڻي اهي پوِتر آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايمان واري زال جي ڪري غير ايمان وارو مڙس پاڪ ٿئي ٿو ۽ ايمان واري مڙس جي ڪري غير ايمان واري زال پاڪ ٿئي ٿي، نہ تہ جيڪر انهن جا ٻار پليت هجن ها، پر هاڻي اهي پاڪ آهن.