1 Corinthians 7:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جي ٻئي دين وارو ساٿي ڌار ٿيڻ گهُري تہ ڀلي ڌار ٿئي؛ اهڙيءَ حالت ۾ ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ ٻَڌل نہ آهي. ڇالاءِ جو خدا اسان کي اطمينان جي لاءِ سڏيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ھوندي بہ جيڪڏھن غير مذھب وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿيڻ گھري تہ ڀلي جدا ٿئي. اھڙين حالتن ۾ ديندار مڙس يا زال ٻڌل نہ آھي. پر خدا اسان کي صلح سان رھڻ لاءِ سڏيو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو غير وشواسي پتي يا پتني جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ وشواسي پتي يا پتني پابند نہ آهي. پر ڏسو، ايشور اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.