1 Corinthians 7:17 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيئن خداوند ھر ھڪ کي زندگيءَ جي نعمت عطا ڪئي آھي ۽ جھڙيءَ طرح خدا کيس چونڊيو آھي، تھڙيءَ طرح ھو زندگي گذاري. اھو حڪم آءٌ سڀني ڪليسيائن جي لاءِ ٿو ڏيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ سڀني ڪليسيائن کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ خدا جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت خداوند عيسيٰ جي طرفان مقرر ڪيل آهي.