1 Corinthians 7:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو مختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختني سان ئي رهي. جيڪڏهن ڪو نامختون سڏيو وڃي تہ اُهو ختنو نہ ڪرائي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن خدا ڪنھن کي طھريل ئي چونڊيو آھي تہ ھو طھر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏھن خدا ڪنھن کي اڻطھريل چونڊيو آھي تہ ھو طھر نہ ڪرائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختنو ٿيل جي حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختني جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن ايشور ڪنهن کي ختني کان سواءِ واري حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو ختنو نہ ڪرائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو جيڪڏهن خدا ڪنهن کي طهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر جا نشان نہ لڪائي. پر جيڪڏهن خدا ڪنهن کي اڻطهريل حالت ۾ سڏيو آهي تہ هو طهر نہ ڪرائي.