1 Corinthians 7:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪو پرڻيل آهي سو دنيا جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر پرڻيل کي دنيا جي ڳالھين جو فڪر رھي ٿو تہ ھو ڪيئن پنھنجي زال کي راضي ڪري، تنھنڪري ھو ٻہ⁠دليو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي سنسار جي ڳالهين جي بہ چنتا رهي ٿي تہ هو ڪيئن پنهنجي پتنيءَ کي راضي رکي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن تہ پرڻيل ماڻهوءَ کي دنيا جي ڳالهين جو بہ فڪر رهي ٿو تہ هو ڪيئن پنهنجي زال کي راضي رکي.