1 Corinthians 7:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر پرڻيل زال ۽ ڪنواريءَ جي وچ ۾ بہ تفاوت آهي. جيڪا ڪنواري آهي سا خداوند جي ڳالهين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ جسم ۾ توڙي روح ۾ پاڪ رهي، پر جيڪا پرڻيل آهي سا دنيا جي شين بابت انهي فڪر ۾ آهي تہ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي مڙس کي راضي رکان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اڻ⁠پرڻيل يعني ڪنواري عورت خداوند جي ڳالھين بابت انھيءَ فڪر ۾ آھي تہ ھوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان پاڪ رھي. پر جيڪا پرڻيل آھي، تنھن کي اھو فڪر آھي تہ ھوءَ ڪيئن مڙس کي راضي ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري ناري پرڀو يسوع جي ڳالهين جي چنتا ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن شرير ۽ آتما جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پوِتر رهي. جڏهن تہ پرڻيل ناريءَ کي سنساري چنتا بہ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن پتيءَ کي راضي رکي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هن جو ڌيان ورهايل رهي ٿو. ساڳيءَ طرح اڻ‌پرڻيل يا ڪنواري عورت خداوند عيسيٰ جي ڳالهين جي فڪر ۾ رهي ٿي تہ هوءَ ڪيئن جسم ۽ روح جي لحاظ کان هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهي. جڏهن تہ پرڻيل عورت کي دنياوي فڪر بہ رهي ٿو تہ هوءَ ڪيئن مڙس کي راضي رکي.