1 Corinthians 7:36 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جي ڪو ماڻهو سمجهي تہ هو پنهنجي مَڱ سان واجب هلت نٿو هلي، ۽ جي هن جي خواهش آهي تہ جيئن وڻيس تيئن ڪري: ڀلي تہ شادي ڪن، انهي ۾ گناهہ ڪونهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو سمجھي ٿو تہ ھن پنھنجي ڇوڪريءَ کي ڪنوارو رکي ساڻس سٺي ھلت نہ ڪئي آھي ۽ ھوءَ جوانيءَ کان بہ موٽي آھي ۽ ھاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انھيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، تڏھن کيس اھو اختيار آھي. انھيءَ ۾ ڪوبہ گناھہ ڪونھي، سو ڀلي شادي ڪرائيس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڪنيا جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ پاپ ڪونهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو سمجھي ٿو تہ هن جي ڇوڪري جوانيءَ کان موٽي آهي ۽ کيس ڪنوارو رکي هن ساڻس ناانصافي ڪئي آهي ۽ هاڻي کيس احساس ٿئي ٿو تہ انهيءَ جي شادي ٿيڻ گھرجي، سو ڀلي شادي ڪرائيس. انهيءَ ۾ ڪوبہ گناهہ ڪونهي.