1 Corinthians 7:39 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
زال ايتري عرصي تائين مڙس سان ٻَڌل آهي، جيستائين هو جيئرو آهي پر جڏهن مڙس مري ٿو وڃي، تڏهن آزاد ٿي ٿئي، پوءِ جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، پر رڳو خداوند ۾.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
زال ايتري وقت تائين ٻڌل آھي جيستائين سندس مڙس جيئرو آھي. پر جيڪڏھن سندس مڙس مري وڃي ٿو تہ ھوءَ آزاد آھي، جنھن سان وڻيس تنھن سان پرڻجي، بشرطيڪ اھو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيستائين پتي جيوت آهي تيستائين پتني سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس پتي مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد پرڀو يسوع مسيح جو هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيستائين مڙس جيئرو آهي تيستائين زال سندس پابند آهي. پر جيڪڏهن سندس مڙس مري وڃي تہ پوءِ هوءَ آزاد آهي، جنهن سان وڻيس تنهن سان پرڻجي، بشرطيڪ اهو مرد خداوند عيسيٰ مسيح جو هجي.