1 Corinthians 8:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تہ بہ اسان جي لاءِ هڪڙو ئي خدا آهي، يعني پيءُ، جنهن کان سڀ شيون آهن، ۽ اسين بہ انهي لاءِ آهيون، ۽ خداوند بہ هڪڙو ئي آهي، يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون موجود آهن، ۽ اسين بہ انهي جي وسيلي آهيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي ايشور آهي يعني آڪاشي پتا، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ جيوت آهيون. اسان جو پرڀو بہ هڪڙو ئي آهي يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي جيوت آهيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي خدا آهي يعني آسماني پيءُ، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ زندہ آهيون. اسان جو خداوند بہ هڪڙو ئي آهي يعني عيسيٰ مسيح ، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي زندہ آهيون.