1 Corinthians 8:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي هوندي بہ سڀني ماڻهن کي اهو علم ڪونهي. پر ڪي، جي اڄ تائين بُتن تي هريل آهن، سي جڏهن قرباني چاڙهيل شيءِ مان کائين ٿا، تڏهن اُنهن جي دل پختي نہ هئڻ ڪري پليت ٿي پوي ٿي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بت⁠پرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان وشواسين مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي ٻليدان ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوجا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ اپوِتر ٿي پوي ٿي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان ايمان وارن مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوڄا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ پليت ٿي پوي ٿي.