1 Corinthians 9:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن ٻين کي اوهان جي مٿان اهو اختيار آهي تہ اسان کي انهي کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ انهي هوندي بہ اسان اهو اختيار نہ هلايو، پر اسين سڀ ڪجهہ برداشت ٿا ڪريون، انهي لاءِ تہ مسيح جي خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ نہ وجهون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ٻيا اوھان جي حق مان حصو وٺن ٿا، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آھي ڇا؟ تنھن ھوندي بہ اسان اھو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سھندا رھون ٿا تہ متان عيسيٰ مسيح جي خوشخبري ڦھلائڻ ۾ ڪا رنڊڪ وجھون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن يسوع مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ٻين کي اوهان کان حصو وٺڻ جو حق آهي، تہ پوءِ اسان جو حق وڌيڪ نہ آهي ڇا؟ تنهن هوندي بہ اسان اهو حق نہ ورتو. اٽلندو سڀ ڪجھہ سهندا رهون ٿا تہ جيئن عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري ڦهلائڻ ۾ ڪنهن بہ طرح جي رنڊڪ جو سبب نہ بڻجون.