1 Corinthians 9:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ منھنجو اجورو اھو آھي تہ جڏھن خوشخبريءَ جي منادي ڪريان، تڏھن اھا مفت ٻڌايان ۽ خوشخبريءَ جي ٻڌائڻ ۾ جيڪي منھنجا حق آھن سي پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ منهنجو لاڀ ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جو مفت پرچار ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي پرچار ڪرڻ سان حاصل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.