1 Corinthians 9:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن آئون ٻين جي لاءِ رسول نہ آهيان، تہ بہ لٿي پٿي اوهان جي لاءِ تہ آهيان؛ ڇالاءِ جو اوهين پاڻ خداوند ۾ منهنجي رسالت جي مُهر آهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ ڀلي نہ مڃين، پر اوھان جو تہ رسول آھيان. جيئن تہ اوھين خداوند جا آھيو، سو اھا ئي منھنجي رسالت جي ثابتي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ٻيا مون کي سنت نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان. منهنجي سنت هجڻ جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين پرڀوءَ ۾ آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ٻيا مون کي رسول نہ ٿا مڃين تہ اوهان جي لاءِ تہ رسول آهيان. منهنجي رسالت جي ثابتي اها ئي آهي جو اوهين خداوند ۾ آهيو.