1 Corinthians 9:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اسان کي اهو اختيار ناهي ڇا تہ جيئن ٻيا رسول، ۽ خداوند جا ڀائر ۽ ڪيفاس ٿا ڪن، تيئن ڪنهن مسيحي زال سان شادي ڪري کيس پاڻ سان رکون؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان جو اھو حق نہ آھي ڇا تہ پنھنجين ديندار زالن کي پاڻ سان گڏ گھمائيندا رھون، جيئن ٻيا رسول، خداوند جا ڀائر ۽ پطرس جن ڪن ٿا؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو وشواسي ناري پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن پرڀوءَ جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا سنت ڪن ٿا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟