1 John 1:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
(۽ اها زندگي ظاهر ٿي، ۽ اسان ڏٺي آهي ۽ انهي جي شاهدي ٿا ڀريون، ۽ اُنهيءَ زندگيءَ، يعني هميشہ واري زندگيءَ جي خبر ٿا ڏيون، جا پيءُ سان هئي ۽ جا اسان تي ظاهر ٿي؛)
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو جيڪو خود جيون هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ امر جيون بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪو ايشور پتا سان هو ۽ اسان تي ظاهر ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي.