1 John 2:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي بزرگو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان جو جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، آئون اوهان ڏانهن هن ڪري ٿو لکان، جو اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو. اي ننڍڙا ٻارو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، جو اوهين پيءُ کي سڃاڻو ٿا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي پوڙھؤ! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! آءٌ اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، جو اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي پوڙهؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي پوڙهؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! آءٌ اوهان ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان جو اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.