1 John 2:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي بزرگو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي، تہ جيڪو شروعات کان وٺي آهي تنهن کي اوهين سڃاڻو ٿا. اي جوانو، مون اوهان ڏانهن هن ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو، ۽ خدا جو ڪلام اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهين انهي شرير تي غالب پيا آهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي پيارا ٻارؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان پيءُ کي سڃاتو آھي. اي پوڙھؤ! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھان انھيءَ کي سڃاتو آھي، جيڪو شروعات کان وٺي آھي. اي نوجوانو! مون اوھان ڏانھن انھيءَ ڪري لکيو آھي، جو اوھين مضبوط آھيو ۽ خدا جو ڪلام اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھين شيطان تي فتحياب ٿيا آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي منهنجا پريميؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پتا کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ ايشور جو سنديش اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي سوڀارا ٿيا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجا عزيزؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين پيءُ کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. اي پوڙهؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مسيح کي چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي آهي. اي نوجوانؤ! مون اوهان ڏانهن انهيءَ ڪري لکيو آهي جو اوهين مضبوط آهيو ۽ خدا جو پيغام اوهان ۾ رهي ٿو ۽ اوهين شيطان تي فتحياب ٿيا آهيو.