1 John 2:18 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي ننڍڙا ٻارو، پڇاڙيءَ واري گهڙي اچي پهتي آهي: ۽ جيئن اوهان ٻُڌو آهي تہ مخالف مسيح اچڻ وارو آهي، تيئن هاڻي ئي گهڻا مخالف مسيح پيدا ٿيا آهن؛ تنهن مان اسين سمجهون ٿا تہ پوئين گهڙي اچي پهتي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پيارا ٻارؤ! ھي آخري وقت آھي. جيئن تہ اوھان ٻڌو آھي تہ مسيح جو ھڪ دشمن اچڻ وارو آھي، تيئن ئي ھاڻي مسيح جا ڪيترا ئي دشمن ظاھر ٿي چڪا آھن، جنھن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ئي آخري وقت آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پيارا ٻارؤ! هي انتم وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي سڌ پوي ٿي تہ هي ئي انتم وقت آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پيارا ٻارؤ! هي آخري وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ هي ئي آخري وقت آهي.