1 John 2:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڪوڙو ٻيو ڪير آهي، سواءِ انهي جي، جو هن ڳالهہ جو انڪار ٿو ڪري تہ يسوع ئي مسيح آهي؟ مخالف مسيح بہ اهو ئي آهي، جو پيءُ ۽ پٽ کي مڃڻ کان انڪار ٿو ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ”يسوع اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پتا ۽ پٽ جو انڪار ڪري ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي ڏسو، ڪوڙو ڪير آهي؟ ڪوڙو اهو آهي جيڪو انڪار ڪندي چوي ٿو تہ ” عيسيٰ اهو مسيح نہ آهي.“ اِهو ئي مسيح جو مخالف آهي، ڇو تہ هو پيءُ ۽ فرزند جو انڪار ڪري ٿو.