1 John 2:27 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
باقي هن اوهان کي جيڪو مسح ڪيو آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو، ۽ اوهان کي انهي جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري، پر جيئن انهي جو مسح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو، ۽ اُهو سچو آهي ۽ ڪوڙو ڪينهي، ۽ جيئن انهي اوهان کي سيکاريو، تيئن اوهين منجهس قائم رهندا اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اوهان کي مسيح پاڪ روح سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پاڪ روح اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿو. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پاڪ روح اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.