1 John 3:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نہ قائن وانگر، جو انهي بڇڙي مان هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيائين. ۽ هن ڇو انهي کي قتل ڪيو؟ ڇالاءِ جو سندس ڪم برا هئا، ۽ سندس ڀاءُ جا ڪم راستبازيءَ جا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين قائن وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قائن پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قائن جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو ابليس جي ٽولي مان هو ۽ پنهنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. قابيل پنهنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ انهيءَ ڪري جو قابيل جا ڪم بڇڙا هئا، جڏهن تہ سندس ڀاءُ جا ڪم سچائيءَ وارا هئا.