1 John 3:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو ڪري، سو خوني آهي: ۽ اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ خونيءَ ۾ هميشہ جي زندگي ڪانهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪوبہ پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آھي ۽ اوھان کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ خونيءَ کي دائمي زندگي حاصل نہ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن هموشواسيءَ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني امر جيون جي حالت ۾ نہ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو بہ پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آهي ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ ڪوبہ خوني دائمي زندگيءَ جي حالت ۾ نہ آهي.