1 John 3:17 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جنهن وٽ دنيا جو مال آهي، ۽ اهو پنهنجي ڀاءُ کي گهُرج ۾ ڏسي مٿس رحم نٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رهي سگهندو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪنهن وٽ سنسار جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس ديا نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا ايشور جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا جو مال ملڪيت آهي ۽ پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنهن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟