1 John 3:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي پيارو، هاڻي اسين خدا جا ٻار آهيون، ۽ اڃا اها ڳالهہ ظاهر ڪانہ ٿي آهي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن هو ظاهر ٿيندو، تڏهن اسين بہ ان جهڙا ٿينداسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِجو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي عزيزؤ! هاڻي اسين خدا جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.