1 John 3:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪو گناهہ ٿو ڪري، سو شيطان مان آهي؛ ڇالاءِ تہ شيطان شروعات کان وٺي گناهہ ڪندو اچي. خدا جو فرزند انهي مطلب لاءِ ظاهر ٿيو تہ هو شيطان جي ڪمن کي برباد ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.