1 John 3:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو خدا مان نئين سر پيدا ٿيو آهي سو گناهہ نٿو ڪري، ڇالاءِ جو هن جو ٻج منجهس رهي ٿو: ۽ هو گناهہ ڪري ئي ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو هو خدا مان پيدا ٿيل آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو خدا جو ٻار آھي سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِجو خدا جي فطرت منجھس رھي ٿي. جيئن تہ ھو خدا مان پيدا ٿيل آھي تنھنڪري ھو گناھہ ڪري ئي نہ سگھندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو ايشور جو ٻار آهي سو پاپ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو ايشور جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو پاپ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو خدا جو ٻار آهي سو گناهہ نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا جي فطرت منجھس رهي ٿي. هائو، جيئن تہ هو خدا جو ٻار بڻيو آهي تنهنڪري هو گناهہ ڪري ئي نہ ٿو سگھي.