1 John 4:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي پيارو، سڀ ڪنهن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ خدا جي طرفان آهن يا نہ. ڇالاءِ جو گهڻا ئي ڪوڙا نبي دنيا ۾ نڪري پيا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي عزيزو! سڀڪنھن روح تي يقين نہ ڪريو، پر روحن کي آزمائي ڏسو تہ اُھي خدا جي طرفان آھن يا نہ، ڇالاءِجو ڪيترائي اھڙا ماڻھو دنيا ۾ نڪري پيا آھن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي پريميؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو ايشور جي پوِتر آتما طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن وشواس نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن ايشور جي آتما آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو سنسار ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي سنديش ڏيندڙ سنت سڏائين ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي عزيزؤ! جيڪي دعويٰ ٿا ڪن تہ هو خدا جي پاڪ روح طرفان ٿا ڳالهائين، تن سڀني کي پرکڻ کان سواءِ مٿن يقين نہ ڪريو. هائو، انهن کي پرکي ڏسو تہ منجھن خدا جو روح آهي يا نہ، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي اهڙا ماڻهو دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جيڪي پاڻ کي نبي سڏائين ٿا.