1 John 4:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون خدا کي پيار ٿو ڪريان ۽ پنهنجي ڀاءُ سان دشمني ٿو رکي، تہ اُهو ڪوڙو آهي؛ ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي پيار نٿو ڪري جنهن کي هن ڏٺو آهي، سو خدا کي پيار ڪري ڪين سگهندو، جنهن کي هن ڏٺو ئي ڪينهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر ھو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري جنھن کي ھن ڏٺو آھي، سو خدا سان پيار ڪين ڪري سگھندو، جنھن کي ھن ڏٺو ئي ڪينھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ ايشور سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن هموشواسيءَ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو ايشور سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ ”آءٌ خدا سان پيار ٿو ڪريان،“ پر هو پنهنجي ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ سان نفرت ٿو ڪري تہ هو ڪوڙو آهي. انهيءَ ڪري جو جن کي هو ڏسي ٿو تن سان پيار نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ هو خدا سان پيار ڪيئن ڪري سگھندو جنهن کي هو ڏسي ئي ڪونہ ٿو.