1 John 4:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اسين خدا جا آهيون؛ جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻُڌي ٿو؛ جيڪو خدا جو ناهي سو اسان جي نٿو ٻُڌي. انهي مان اسين حق جي روح کي ۽ گمراهيءَ جي روح کي سڃاڻي ٿا وٺون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين خدا جا آھيون. جيڪو خدا کي سڃاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آھي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انھيءَ مان اسان کي حق جي روح ۽ گمراھيءَ جي روح جي خبر پوي ٿي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اسين ايشور جا آهيون. جيڪو ايشور کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو ايشور جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ واري آتما آهي ۽ ڪنهن ۾ ڀَٽڪائڻ واري آتما.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اسين خدا جا آهيون. جيڪو خدا کي ڄاڻي ٿو سو اسان جي ٻڌي ٿو. جيڪو خدا جو نہ آهي سو اسان جي نہ ٿو ٻڌي. انهيءَ مان اسين ڄاڻي وٺون ٿا تہ ڪنهن ۾ سچ وارو روح آهي ۽ ڪنهن ۾ گمراهيءَ وارو روح.