1 John 4:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي پيارو، اچو تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون: ڇالاءِ جو پيار خدا جي طرفان آهي؛ ۽ جيڪو پيار ٿو ڪري سو خدا مان پيدا ٿيو آهي، ۽ خدا کي سڃاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي عزيزو! اچو تہ ھڪ ٻئي کي پيار ڪريون. ڇالاءِ⁠جو پيار خدا جي طرفان آھي ۽ جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آھي ۽ ھو خدا کي سڃاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي پريميؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار ايشور جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو ايشور جو ٻار آهي ۽ هو ايشور کي ڄاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي عزيزؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار خدا جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آهي ۽ هو خدا کي ڄاڻي ٿو.