1 John 5:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوهين جي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان ٿا رکو، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون لکيون آهن، انهي لاءِ تہ اوهان کي معلوم ٿئي تہ اوهان کي هميشہ جي زندگي ملي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين جيڪي ايشور جي پٽ جي نالي تي وشواس رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي امر جيون مليل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان رکو ٿا، تن ڏانهن مون هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکيون آهن تہ جيئن اوهين ڄاڻي وٺو تہ اوهان کي دائمي زندگي مليل آهي.