1 John 5:16 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان کي اھڙو گناھہ ڪندو ڏسي، جنھن جو نتيجو موت نہ آھي تہ کيس ھن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. ھي انھن لاءِ آھي جيڪي اھڙا گناھہ نہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت آھي. اھڙو بہ گناھہ آھي، جنھن جو نتيجو موت آھي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انھيءَ گناھہ بابت دعا گھرڻ کپي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌وشواسيءَ کي اهڙو پاپ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ کپي، جيڪو کيس جيون بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا پاپ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو پاپ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ پاپ ڪرڻ واري بابت پرارٿنا ڪرڻ کپي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ آهي تہ کيس هن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. هي انهن لاءِ آهي جيڪي اهڙا گناهہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت نہ آهي. پر اهڙو گناهہ بہ آهي، جنهن جو نتيجو موت آهي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انهيءَ گناهہ ڪرڻ واري بابت دعا گھرڻ کپي.