1 John 5:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ ايشور جو پٽ هن سنسار ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس پٽ يسوع مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي ايشور ۽ امر جيون آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.